ڦورن هٿان لُٽيل جرمن سياح کي پنجاب حڪومت 5 لک رپيا ڏئي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڦورن جرمن سياح کان ڦرلٽ ڪئي هئي، واقعي جو پنجاب حڪومت نوٽيس وٺندي جرمن سياح کي 5 لک رپيا نقصان جو ازالو ڪري ڇڏيو. پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نور الامين مينگل لاهور ۾ جرمن سياح فلورين برگ سان ملاقات ڪئي ۽ 5 لک رپيا پيش ڪيا.

جرمن سياح جو چوڻ آهي ته پاڪستان پسنديده ملڪ آهي، مان هتي ٻيهر اچڻ چاهيندس، پاڪستاني علائقا ۽ ماڻهن جون دليون خوبصورت آهن.

ٻئي طرف گهرو سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته سمورا سياح اسان جا مهمان آهن، جديد ٽيڪنالاجي سان ڦورو جوابدارن جو پتو لڳايو پيو وڃي.

ياد رهي ته جرمن سياح وچ ايشيا ۽ چين کان ٿيندي سائيڪل تي پاڪستان پهتو هو، هو لاهور ۾  فٽ پاٿ تي ستل هو ته کين ڦورن يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.