اليڪشن ڪميشن پاران پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سمورن پارليامينٽ ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي 31 ڊسمبر تائين گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017 جي قلم 137 جي تحت سمورا پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجا گوشوارا جمع ڪرائڻ جا پابند آهن.

ميمبر خاص طور تي پنهنجي گهر وارين ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ واجبات جا گوشوارا جمع ڪرائيندا، اليڪشن ڪميشن پهرين جنوري تي مقرر ڪيل تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪندو ۽ 15 جنوري تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي.

گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي ميمبر ڪنهن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺي سگهندا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته غلط ڄاڻ ڏيندڙ ميمبر خلاف بدعنواني جي ڏوهه هيٺ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.