واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران فلسطيني اڳواڻ اسماعيل هنيا جي شهادت بعد اڄ 24 ڪلاڪن دوران ڪنهن به وقت اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي ميڊيا موجب ايران جي ذريعن اهڙي تصديق ڪئي آهي.
جڏهن ته آمريڪا بعد برطانيا به پنهنجو ٻيڙو ايراني نار اماڻيو آهي. هنيا جي ننهن ايناس هنيا انسٽاگرام تي اسماعيل هنيا جي ايران ويندي جهاز ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن جو عنوان آخري سفر آخري تصوير رکيو ويو آهي