ابراهيم علي خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاجواب هوندو: ڪاجول

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول جو چوڻ آهي ته ابراهيم علي خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاجواب هوندو. ڪاجول ۽ ابراهيم علي خان فلم ”سرزمين“ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ان فلم جو هدايتڪار بومن ايراني جو پٽ ڪيوز ي ايراني آهي.

ڪاجول، جيڪا اڄ (5 آگسٽ) تي 50 سالن جي ٿي وئي آهي، ابراهيم جي پيءُ سيف علي خان سان هن 1994 ۾ فلم (اي دل لگي) ۾ ڪم ڪيو هو ۽ هاڻي ابراهيم سان گڏ فلم سرزمين ۾ نظر ايندي، جڏهن ته ابراهيم هن فلم ذريعي پنهنجي بالي ووڊ ڪيريئر جو آغاز ڪندو.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاجول ابراهيم جي تعريف ڪندي وڌيڪ چيو ته ابراهيم کي اسڪرين تي ڏسڻ دلچسپ هوندو. فلم ۾ پرٿوي راج سوڪومرن به ڪاجول سان گڏ پهرين  پهريون ڀيرو گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.