اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي هوش ۾ اچڻ گهرجي ۽ ڪشمير مسئلي تي ويهي ڳالهائڻ گهرجي. پاڪستان کي ميري اک مان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي چٿي لتاڙي ڇڏينداسين.
آزاد ڪشمير اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قابض ڀارتي حڪومت اڄ جي ڏينهن والاريل ڪشمير جي عوام جا حق غصب ڪيا، اهو وقت پري ناهي جڏهن ڀارت کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، ڪشميرين جا حق کسي نه ٿو سگهي، ڀارت هوش ۾ اچي ۽ ويهي ڪشمير مسئلي تي ڳالهائي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.