اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاور ڊويزن جي اڪائونٽس جي آڊٽ رپورٽ جاري ڪندي موجوده بحران جو سبب ناقص پلاننگ ۽ آءِ پي پيز جي گردشي قرضن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
رپورٽ موجب، حڪومت آءِ پي پيز لاءِ طريقيڪار جو دست استعمال نه ڪيو ۽ بجلي جي اگهن جو تعين لڪيل مفادن ۽ سياسي اثر رسوخ تحت ڪيو ويو.
بجلي جي پيداواري صلاحيت 7 سيڪڙو ساليانو جي ڀيٽ ۾ بجلي جي گهرجن ۾ پنج سيڪڙو سالياني واڌ ٿي جڏهن ته فالتو بجلي کپت جو ڪو انتظام هو نه ئي ڪيو ويو.
بجلي جي لاڳت جي ڀيٽ ۾ ادائيگيون ڪيپيسٽي پيمنيٽ جي مد ۾ وڌيڪ ڪيون ويون جڏهن ته بجلي جي پيداوار کي منتقل ڪرڻ ۽ ڊسٽري بيوشن جو نظام به اڻپورو هو.
رپورٽ موجب، ٽرانسميشن سسٽم 23 هزار ميگا واٽ جو بار کڻي سگهي ٿو پر پيداواري صلاحيت 36 هزار ميگاواٽ تائين وڌائي وئي. امپروٽڊ فيول آئل تي بجلي پيدا ڪرڻ جي پلانٽس تي وڌيڪ دارومدار رکيو ويو ۽ امپورٽڊ ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي مدي خارج طريقي واري ٽيڪنالاجي تي ڀاڙيو ويو.
You might also like