سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي جڊيشل آفيسرن جا اي سي آرز لکڻ جو اختيار ملي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) فل ڪورٽ ججز جو اجلاس 3 آگسٽ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪاميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججز شرڪت ڪئي ۽ چيف جسٽس کي جوڊيشل آفيسرن جا اي سي آرز لکڻ ۽ انهن تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.
ذريعن موجب ميٽنگ دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد شفيع صديقي اجلاس ۾ شريڪ سڀني ججز کان وقت جي پابندي ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي جي حوالي سان وڌيڪ وقت لڳڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
چيف جسٽس اهو به ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ماتحت عدالتن جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ نئين يونٽ پاليسي جي تشڪيل آخري مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ئي ان تي عمل درآمد ڪيو ويندو.
ان پاليسي ذريعي مانيٽرنگ اينڊ انسسپيڪشن ڪندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ججز جوڊيشل آفيسرن جي ماهوار ڪارڪردگي کي سولائي سان مانيٽر ڪري سگهندا ۽ ان حوالي سان رپورٽون سندن سامهون باقاعدگي سان پيش ڪيون وينديون.
سڀني ججز فيصلو ڪيو ته هو ميرٽ تي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ فيصلن لاءِ وڌيڪ وقت ڏيندا ته جيئن ڪيسن جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.