جنگ جو خطرو: آمريڪا، برطانيا جي شهرين کي لبنان ڇڏڻ جي هدايت

لنڊن ( ويب ڊيسڪ) حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ امڪاني جنگ جي خطري سبب آمريڪي ۽ برطانوي سامونڊي جهاز وچ اوڀر ۾ مقرر ڪيا ويا آهن.
آمريڪا، برطانيا، فرانس، ڪينيڊا ۽ اردن پنهنجي شهرين کي جلد کان جلد لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. برطانيا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي شهرين جي نڪرڻ ۾ مدد لاءِ واڌو فوجي اهلڪار، قونصليٽ جو عملو ۽ سرحدي فورس جا اهلڪار موڪلي رهيو آهي.
2 برطانوي فوجي جهاز اڳ ئي خطي ۾ موجود آهن ۽ رائل ايئرفورس ٽرانسپورٽ وارن هيلي ڪاپٽرن کي اسٽينڊ باءِ رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.