پئرس اولمپڪس، پاڪستاني ايٿيليٽ جي ناڪامي جو سفر جاري

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو هڪ ٻيو ايٿليٽ پئرس اولمپڪس ۾ پنهنجي ايونٽ پهرئين ئي رائونڊ مان ٻاهر ٿي ويو، 25 ميٽر ريپڊ پسٽل جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ غلام مصطفيٰ بشير ڪواليفيڪشن رائونڊ جي ٽاپ 6 جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
پئرس اولمپڪس ۾ آچر جي ڏينهن شوٽنگ جي 25 ميٽر ريپڊ فائر ڪواليفيڪشن جا ٻه رائونڊ ٿيا جنهن ۾ جي ايم بشير مجموعي طور 581 پوائنٽس حاصل ڪيون ۽ ميڊيل رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهيندڙ ٽاپ 6 شوٽرز جي لسٽ جاءِ ٺاهڻ ناڪام ٿي ويو.
پهرئين مرحلي ۾ هن 292 پوائنٽون حاصل ڪيون جتي اٺ سيڪنڊز جي پهرين سيريز ۾ 98 پوائنٽون حاصل ڪيون جڏهن ته 6 سيڪنڊز واري ٻي سيريز ۾ 99 ۽ چار سيڪنڊز جي سيريز ۾ 95 پوائنٽون حاصل ڪري سگهيون.
ٻئي مرحلي ۾ جي ايم بشير پنهنجي صلاحيتن مطابق نه کيڏي سگهيو ۽ ٽن سيريز ۾ ترتيبوار 97، 97 ۽ 95 جو اسڪور ڪيو جيڪو ٽاپ 6 جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڪافي نه هو، اهڙي ريت سندس اولمپڪ جو سفر به تمام ٿي ويو .
ياد رهي ته پئرس اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ 7 مان ڇهه رانديگر هٿين خالي پنهنجو سفر ختم ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ پاڪستان جون سڀ اميدون ارشد نديم مان آهن، ارشد نديم ڇهه آگسٽ تي پنهنجي ايونٽ جي ابتدائي رائونڊ ۾ ۽ فائنل ۾ اچڻ جي صورت ۾ اٺ آگسٽ تي ايڪشن ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.