ٽِڪ ٽاڪ خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي انصاف واري کاتي ٽِڪ ٽاڪ خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان ٽِڪ ٽاڪ تي ٻارن جي هڪ پرائيويسي قانون ۽ فيڊرل ٽريڊ ڪميشن ( ايف ٽي سي ) سان ڪيل 2019ع جي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو ويو آهي.
اِهو ڪيس فيڊرل ٽريڊ ڪميشن طرفان ٽِڪ ٽاڪ خلاف ڪيل هڪ جاچ جي نتيجن جي روشني ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ايف ٽي سي طرفان ٽِڪ ٽاڪ خلاف جاچ رپورٽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ انصاف واري کاتي وٽ جمع ڪرائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.