سياسي منظر نامي تان گم بلاول ڀٽو اڄڪلهه ڪٿي آهي؟

پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڄڪلهه سياسي منظر نامي تان گم پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف آهي.

بلاول ڀٽو جي ڀيڻ بختاور ڀٽو پنهنجي ڀاءُ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀاڻجن سان گڏ وقت گذاريندي نظر اچي رهيو آهي.

بختاور ڀٽو زرداري پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بلاول ڀٽو پنهنجي وڏي ڀاڻجي مير حاڪم سان گڏ ڪلرنگ بُڪ ۾ رنگ ڀري رهيو آهي.

مير حاڪم جي هٿ ۾ ڳاڙهي جڏهن ته بلاول ڀٽو جي هٿ ۾ ڦڪي ڪلر پينسل آهي.

بلاول جي وڊيو ڏسندڙن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ڇڏي آهي، جتي هڪ پراڻي وڊيو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ٻارڙن کي پاڻ پڙهائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.