راولپنڊي(م ڊ)ڪراچي جي واپاري برادري سان گڏ راولپنڊي عوامي ڌرڻي جي ستين ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني ويندي ميڊيا، قوم کي ٻڌايو ته خرچ گهٽائڻ ۾ توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي، ڪنهن کي به ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ ڏينداسين، جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته هي تحريڪ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاملي تي سپريم ڪورٽ به وڃي سگهون ٿا،ميڊيا آڏو ڳالهيون ڪيون وڃن، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو، حڪمران پنهنجو ڪاروبار ۽ فضول خرچيون ختم ڪن، ٻڌايو وڃي ته سرڪاري خرچن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڇو ڪيو ويو؟ ان موقعي تي نائب امير لياقت بلوچ پاڪستان بزنس فورم ڪراچي جو صدر سهيل عزيز، پاڪستان بزنس فورم جو سينيئر نائب صدر عرفان اخلاص الله والا به موجود هئا،هن چيو ته حڪومت کي چيو آهي ته جيڪي معاهدا ٿي سگهن ٿا انهن تي نظر ثاني ڪئي وڃي، جن آءِ پي پيز جا معاهدا غلط آهن انهن جو فرانزڪ آڊٽ ڪيو وڃي،حڪومت جي ملڪيت وارن آءِ پي پيز جا ڪيسپسٽي چارجز عوام ادا نه ڪندو، معاهدن تي نظرثاني ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو، هن چيو ته وزيراعظم ناڻي وزير ڪٿي بيٺل آهن؟ جڏهن اهي پنهنجو مفت پيٽرول ۽ بجلي ختم ڪندا، وڏيون گاڏيون ڇڏيندا تڏهن ته حالتون بهتر ٿينديون، توهان جي عياشين جو خرچ ملڪ جو غريب ادا نه ڪندو، سڄي ملڪ جا ماڻهو اسان جي مطالبن جي حمايت ڪري رهيا آهن