عمران حڪومت کي هٽائڻ جو اپريل 2019ع تي فيصلو ٿي چڪو هو: محمد زبير

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته  نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو، ڪنهن کي به ايڪسٽينشن نه ڏني. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته جنرل باجوا سان 7 سيپٽمبر تي آخري ملاقات ٿي ان وقت پي ڊي ايم بڻجي چڪو هو. پي ڊي ايم بڻجڻ بعد نواز شريف سخت تقريرون شروع ڪيون تهرد عمل آيو ته اوهان جا نمائندا ملاقات ڪن ٿا ته پوءِ چڙهائي ڇو ٿي رهي آهي. محمد زبير چيو ته عمران کي هٽائڻ اسان جو مقصد هو، اسان باني پي ٽي آءِ خلاف هئاسين. ان کي هٽائڻ چاهيو. هن چيو ته وفاقي سطح تي ان هائوس تبديلي جي آڇ ٿي. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نواز شريف جي لنڊن ۾ ويهڪ آهي، فيض حميد جو نواز شريف سان ڪهڙي دلچسپي، هو ته عمران جي ويجهو هو .اپريل 2019ع ۾ ان هائوس تبديلي جو فيصلو ٿي  چڪو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.