سڄي سنڌ ۾ اڄ کان 6 آگسٽ تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سموري سنڌ ۾ اڄ کان 6 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اڄ 2  آگسٽ تي راجسٿان ۽ عربي سمنڊ مان طاقتور چوماسي هوائن جو سلسلو سنڌ تي اثرانداز ٿيندو. ڪراچي، ٿرپارڪر، بدين، سجاول، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اڄ کان جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد سميت ٻين شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات پوندي. 3 آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، نوشهرو فيروز، گهوٽڪي، سکر سميت ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن سميت ڪراچي ۾ مينهن وسيو. ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن معمار ۾ 11.5 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.ڪراچي ۾ برسات سبب ڪي اليڪٽرڪ جا 220 کان وڌيڪ فيڊرز، پي ايم ٽيز ۽ مقامي فالٽ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.