اسلام آباد(م ڊ) اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. بل جي حق ۾ ڇهه ۽ مخالفت ۾ چار ووٽ پيا. ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته ان بل موجب ڪو به اسيمبلي ميمبر پنهنجي سياسي وابستگي لاءِ نئين پارٽي جو سرٽيفڪيٽ نه ڏئي سگهندو ۽ مخصوص سيٽون رڳو ان سياسي جماعت کي ڏنيون وينديون، جيڪا اڳ ئي لسٽ جمع ڪرائي چڪي هجي. اربع ڏينهن پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 ترميمي بل غور هيٺ آندو ويو. بلال اظهر ڪياني اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بل تي بريفنگ ڏني. دستاويزن موجب اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024ع ۾ ٻه ترميمون پيش ڪيون پيون وڃن. پهرين ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 66 ۾ ۽ ٻي ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 104 ۾ ڪئي وئي. پهرين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽي سان الحاق جي پارٽي سرٽيفڪيٽ کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. ٻي ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جنهن پارٽي مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي نه ڏني آهي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. ترميمي ايڪٽ 2024 موجب، اهي ٻئي ترميمون منظوري کانپوءِ فوري طور تي لاڳو ٿينديون. ڪميٽي جي اجلاس دوران وزيراعظم نذير تارڙ بل جي حمايت ڪندي چيو ته تجويز ڪيل قانون ۾ ترميمون آئين ۽ قانون موجب آهن. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبرن اليڪشن ترميمي بل جي مخالفت ڪئي. علي محمد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن هن ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ڪيو، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽي کان چونڊ نشان کسي ورتو، اليڪشن ڪميشن کي ان قانون جي بحالي واري اثرن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي. جي يو آءِ ميمبر اسيمبلي شاهده اختر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن هميشه سينڊوچ ٺاهيندي رهي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل جي حق ۾ 6 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، جي يو آءِ ميمبر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، پ پ ميمبر شرڪت نه ڪئي.
-
مخصوص سيٽن جو معاملو، سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ جنگ ڇڙڻ جو امڪان
اسلام آباد(انصار عباسي+مطيع الله جان) شاهراهه دستور جي ٻن پاڙيسرين وچ ۾ جنگ جا ڪڪر ڇائنجي ويا،سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ وچ ۾ شروع ٿيندڙ جنگ جو انجام انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو،پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف سخت ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، ان بل کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿي سگهندو،هاڻي آزاد ميمبر ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندا، هاڻي سني اتحاد ڪائونسل جا اسيمبلي ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل نه ٿي سگهندا،ان تي ڏسجي ته سپريم ڪورٽ پاران ڪهڙو ردعمل اچي ٿو، اهو قانون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو، ان سان ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر پئي اچي،پنجاب ۾ چونڊن بابت به پي ڊي ايم حڪومت دوران عدليه۽ ايگزيڪيٽو وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، حڪومت،اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي نيت ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي آهي،عدليه اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل لاءِ 6 آگسٽ تائين جي مهلت ڏئي رکي آهي ايندڙ ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سان جهيڙيندي نظر ايندي