ميرپورٻرڙو ( ن ع آ)ميرپورٻرڙي ٿاڻي جي حد لال ڀٽي اسٽاپ تان دڪان تي ايندي مبينا گم ٿيل ڳوٺ الله بخش لنجواڻي واسي 25 سال محمد خان لنجواڻي جي وارثن سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، ھوڏانھن مغوي جي وارثن ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڪبر لنجواڻي، راحب، صدام، صابر لنجواڻي، الله بخش لنجواڻي، مولابخش، عبداللطيف ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته اسان مسڪين ماڻھو آھيون کائڻ جي لاءِ ڪجھ ڪونھي ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون، ايس ايس پي جيڪب سليم شاھه، ڊي آئي جي لاڙڪاڻي ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جو اغوا ٿي ويل نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ھوڏانھن وارثن پوليس تي الزام لڳايو آھي ته مبارڪپور پوليس چوي پئي اسان جي حد ناھي ميرپورٻرڙو پوليس چوي پئي اسانجي حد ناھي لوڪيشن اچڻ کانپوءِ ئي اسان ڪيس داخل ڪنداسين.