ماڻهو بجلي بلن سبب مري رهيا آهن، رليف عارضي حل آهي: وڏو وزير

جاتي (ن ع آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي جاتي ويجهو ڳوٺ راڄ ملڪ پهچي اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ضلعي چيئرمين دانش خان ملڪاڻي، اڳوڻي صوبائي وزير  حاجي عثمان خان ملڪاڻي ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سميت سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غلام قادر ملڪاڻي جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو خال سندس نوجوان پٽ دانش خان ملڪاڻي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو هن صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته سني اتحاد جون 39 سيٽون پي ٽي آئي کي مليون آهن پر اهي سيٽون اڃان تائين پي ٽي آءِ قبول ئي نه ڪيون آهن نه ئي آزاد اميدوارن پي ٽي آئي ۾ شموليت جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان تي اسان کي خدشا آهن، وڏي وزير چيو پي ٽي آءِ کي باقائده سياسي جماعت ٿي منظر عام تي اچڻو پوندو ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان پيارو آهي جنهن خلاف پي ٽي آءِ پاران افراتفري ۽ سوشل ميڊيا جو ملڪ خلاف استعمال قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي انهن علائقن ۾ سنڌ حڪومت سلور پينل سسٽم ڏيندي جتي بجلي موجود نه آهي انهن ڳوٺن ۾ سولر سسٽم سميت سموريون سهولتون ڏنيون وينديون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، ان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڇا ٿي چاهي. پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ لاءِ پيغام سٺي ڳالهه آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني هاڻي پنهنجي لائين تبديل ڪري رهيو آهي، ڪڏهن غير جانبدار ماڻهن کي جانور ۽ ٻوٽا چوندا هئا، هاڻي چيو پيو وڃي ته غير جانبدار سٺي ڳالهه آهي.ڪڏهن چوندا آهن ته اسٽيبلشمينٽ سان نه ڳالهايو، پي ٽي آءِ کي پنهنجو رستو صاف ڪرڻو پوندو.ملڪ ۾ توانائي بحران تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت آءِ پي پيز جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي.هن چيو ته هڪ طرف چون ٿا ته اسان وٽ اضافي بجلي آهي ته ٻئي طرف اسان کي ڪيپيسيٽي چارجز ادا ڪرڻا پون ٿا. ان باوجود 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.سنڌ حڪومت سولر پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. جن ضلعن ۾ بجلي ناهي، انهن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ کي ترجيح ڏني ويندي.وڏي وزير چيو ته بجلي جو بحران حقيقي بحران آهي، بجيٽ ۾ بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي تي ڌيان ڏنو ويو آهي.مراد علي شاهه چيو ته صنعتون به لڳايون وينديون، بجلي به لڳائي ويندي ۽ روزگار به فراهم ڪيو ويندو. ماڻهو بجلي جي بلن هيٺ مري رهيا آهن، رليف ڏيڻ عارضي حل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.