تمر جا ٻيلا زمين تي قبضي ۽ ڪمرشل منصوبن لاءِ ڪاٽيا ويا: ڊبليو ڊبليو ايف

ڪراچي (رپورٽر) ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ تمر جي ٻيلن جو خاتمو زمين تي قبضي، رهائشي اسڪيمن، ترقياتي، ڪمرشل ۽ تفريحي منصوبن جي ڪري ڪيو ويو.  ٻيلن جي وڏي زمين کي منصوبن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب گذريل هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ تمر جي ٻيلن کي بي رحمي سان وڍيو ويو، 2010 کان 2022 دوران ڪراچي جي ساحلي پٽي تي تقريبن 200 هيڪٽر ٻيلن کي وڍيو ويو. رهائشي منصوبن لاءِ يونس آباد، ڪاڪا پير ڳوٺ، حاجي علي ڳوٺ ۾ تمر جا ٻيلا ڪاٽيا ويا. ماڙيپور، شمشير جي ٻيٽ، ڪياماڙي، مڇر ڪالوني، ڀٽا ڪالوني ۾ به ٻيلن کي وڍيو ويو. پورٽ ٽاور ڪامپليڪس، مائي ڪولاچي باءِ پاس جي ڀرپاسي به وڻ ڪاٽيا ويا. ڪمرشل ۽ تفريحي منصوبن لاءِ ڊي ايڇ اي فيز 8، ايئرمين گالف ڪلب ۽ تفريحي پارڪ ويجهو به تمر جا ٻيلا وڍيا ويا. ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ ڪورنگي، لڪي اليڪٽرڪ ڪمپني، ايس ايس جي سي ايل پي جي ٽرمينل ويجهو به وڻ هٽايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.