آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين مخالف بل پيش

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين مخالف بل پيش ڪيو ويو، يو ايس انڊيا ڊفينس ڪو آپريشن ايڪٽ نالي بل ريپبليڪن سينيٽر مارڪو روبيو پيش ڪيو. بل ۾ ڀارت مخالف اپائن جي صورت ۾ پاڪستاني امداد روڪڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. متن ۾ چيو ويو ته پاڪستان جيڪڏهن ڀارت خلاف دهشتگردي جي سرپرستي ۾ ملوث هجي ته عسڪري امداد روڪي وڃي. چين جو وڌندڙ اثر رسوخ ۽ پاڪستان کان مبينا خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت جي مدد جو واعدو به ڪيو ويو. بل ۾ ڀارت سان جاپان، اسرائيل، ڪوريا ۽ نيٽو جهڙو ورتاءُ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.