ممبئي(ويب ڊيسڪ)شهنشاههِ جذبات اداڪاردليپ ڪمار جي ممبئي ۾ واقع عاليشان بنگلي کي ڪمپليڪس ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ 172 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دليپ ڪمار 1953 ۾ عبدالطيف جي نالي سان اِهو عاليشان بنگلو خريد ڪيو هئي، 1966 ۾ دليپ ڪمار سائرا بانو سان شادي کانپوءِ مبينا طور پالي هِل جي بنگلو ڇڏي سائرا بانو جي گهر شفٽ ٿي ويو هو.
دليپ ڪمار جو سندس حياتي ۾ ئي 2016 دوران بنگلي لاءِ ري ڊيولپمينٽ جو معاهدو عشر گروپ طئي ٿيو هو جنهن تحت بنگلي کي ڊاهي ان جي جاءِ تي لگزري رهائشي عمارت ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ عشر گروپ طرفان 2023 ۾ ” دي ليجنڊ “ جي نالي سان بنگلي لاءِ ري ڊيولمپينٽ پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي وئي.
اِهو ٽرپليڪس اپارٽمينٽ عمارت جي نائين، ڏهين ۽ يارنهين ماڙ تائين پکڙيل آهي، اپارٽمينٽ ۾ دليپ ڪمار جي ياد ۾ ڏهين ۽ يارنهين ماڙ تي رهائشي علائقو ۽ هڪ ميوزيم آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، عاليشان بنگلو 1 ڏهائي 62 لک رپيا في چورس فٽ جي حساب سان وڪرو ويو آهي، بنگلي جي وڪرو ۾ اسٽامپ ڊيوٽي 9.3 ڪروڙ ۽ رجسٽريشن فيس 30 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.