مشهور آمريڪي رسالي فوربس طرفان سياحين لاءِ خطرناڪ ترين شهرن ۾ پاڪستان جي هڪ شهر کي شامل ڪيو ويو آهي.
فوربس طرفان سياحن لاءِ جاري ايڊوائزري ۾ سال 2024 لاءِ دنيا جي خطرناڪ ترين شهرن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي.
فوربس موجب، وينويلا جي شهر ڪراڪس کي سياحن لاءِ دنيا جو سڀ کان خطرناڪ ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو شهر ڪراچي ان فهرست ٻئي ۽ ميانمار جو شهر ينگون سياحن لاءِ ٽيون خطرناڪ ترين شهر آهي.
فوربس جي رپورٽ موجب، ڪراچي سياحن جي سلامتي کي انتهائي درجي جا خطرا آهن، ڪراچي ۾ ڏوهه، تشدد، قدرتي آفتن ۽ معاشي ڪمزورين جا شديد خطرا پڻ موجود آهن.
ان فهرست ۾ سنگاپور کي سياحن لاءِ دنيا جو محفوظ ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته جپان جي شهر ٽوڪيو ۽ ڪئناڊا جو شهر ٽورنٽو سياحن لاءِ محفوظ ترين شهرن جي لسٽ ۾ شامل آهن.
Prev Post
You might also like