عماني فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيو

عمان جي فاسٽ بالر بلال خان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
بلال خان پاڪستان جي شاهين آفريدي جو رڪارڊ ٽوڙيندي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سئو وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي.
پشاور ۾ جنم وٺندڙ 37 ورهين جي ميڊيم پيسر بلال خان اِهو اعزاز عمان ۽ نميبيا وڇ ۾ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ليگ ٽو جي ميچ دوران حاصل ڪيو.
بلال خان نميبيا خلاف پنهنجي ڏهن اوورن جي ڪوٽا ۾ پنجاهه رنسن عيوض ٽي وڪيٽون ورتيون، جنهن کانپوءِ سندس 49 ميچن ۾ وڪيٽن جو انگ 101 ٿي ويو آهي.
شاهين آفريدي 2023 واري عالمي ڪپ دوران بنگلاديش خلاف پنهنجي ڪيريئر جي 51 هين ميچ ۾ سئو وڪيٽون مڪمل ڪيون هيون جنهن کانپوءِ هن هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر جو اعزاز ماڻيو هو.
واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سئو وڪيٽون مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ نيپال جي اسپنر سنديپ لميچاني وٽ آهي جنهن 42 ميچن ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.