اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل لارجر بينچ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر به شامل آهن. لارجر بينچ 30 جولاءِ کان گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ياد رهي ته احمد فرهاد ڪيس ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جي تجويز ڏني هئي. جڏهن ته گم ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس شامل ناهي.