ڪراچي (رپورٽر) ٻارن جي پرڏيهه اسمگلنگ جو ڪيس سامهون اچڻ بعد سنڌ حڪومت صارم برني ٽرسٽ جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي درخواست تي سنڌ حڪومت صارم برني ٽرسٽ جو معاملو سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صارم برني پاران آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ ٻارن جي اسمگلنگ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي سنڌ حڪومت کي خط لکيو هو. سنڌ حڪومت جو سماجي ڀلائي وارو کاتو ڪراچي ۾ صارم برني جي يتيم خاني جو انتظام سنڀاليندو، ان حوالي سان سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊي جي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. صارم برني تي پاڪستان کان ٻارن کي آمريڪا اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي، آمريڪي قونصل خاني جي درخواست تي صارم برني کي 5 جون تي آمريڪا کان واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.