اسلام آباد (عمران شفقت) حڪومت پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جي حوالي سان خوف ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي. حڪومت پابنديءَ جي حوالي سان فيصلو ڪري پوئٽي هٽي وئي، ٻه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو پر ان اجلاس ۾ معاملي تي غور ئي نه ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته وفاقي وزير عطا تارڙ ڪنهن جي چوڻ تي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ ڪنهن جي چوڻ تي حڪومت پوئتي هٽي وئي. هڪ طرف حڪومت مخصوص واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي آهي ته ٻئي طرف ان فيصلي تي ڳالهائيندڙ ٻن صحافين کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت کي هينئر ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اها ڇا ڪري رهي آهي. حڪومت وضاحتون پئي ڪري ته شهباز حڪومت ختم نه پئي ٿئي، اها 5 سال پورا ڪندي،حڪومت کي ڪنهن چيو آهي ته توهان 5 سال پورا نه ڪندئو؟ پي ٽي آءِ تي پابندي جو معاملو وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڇو نه ٿيو؟