ڪشمور ڀرسان پلاٽ معاملي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪشمور(ڊر)  ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ﷲ رکيو قاضي ڪلوڙ ۾ ٻن ڌرين سئوٽن ۾ پلاٽ معاملي تان جھيڙي دوران ھڪ ڌر ھٿيارن جا  منهن کولي ڇڏيا نوجوان محمد عيدن قاضي ڪلوڙ مارجي ويو مقتول جو مڙهه سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جي ڀاءُ پوليس اهلڪار شعبان قاضي ڪلوڙ دانھيندي چيو ته سئوٽن اڳرائي ڪري زمين ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو جڏهن ته گھر آڏو کڏو ھو جنھن جو مٽي سان پوري رھيا ھئاسين تان مٿان فائرنگ ڪئي وئي گھر واري سميت رات جي وقت ٿاڻي تي پهچي ساٿي پوليس آفيسرن کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چيو جن ٽال مٽول ڪئي ٻيھر ٿاڻي تي پوليس وٺڻ لاءِ آيس ته پويان ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو پوليس جي لاپرواهي سبب جوابدارن ڀاءُ کي ماريو آهي آئي جي سنڌ نوٽس وٺي ملوث مک جوابدار گرفتار ڪري لاپرواهي ڪندڙ ڊيوٽي پوليس اهلڪارن خلاف ڊيپارٽمينٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ، ٻئي پاسي ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ڌرين ۾ پلاٽ معاملي تان ڇڪتاڻ ٿي آهي ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇاپي دوران جوابدار فرار ٿي ويا سندس گھر مان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدارن کي ڪنهن صورت بخش نه ڪيو ويندو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.