پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ ٻين پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي رئوف حسن کي سيشن ڪورٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پي ٽي آءِ جو وڪيل  لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو.  ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جون ڊيوائسون هٿ ڪرڻيون آهن، جيڪڏهن ڊوائيس مليا ته وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.ايف آءِ رمانڊ ۾ 30 ڏينهن تائين جسماني رمانڊ ڪري سگهجي ٿي.  وڪيل لطيف کوسو رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي آفيس سيل ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي رئوف حسن جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، عدالت رئوف حسن ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين ڪارڪنن جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته 2 ڄڻن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.