بناجواز کنڀي حراست ۾ رکڻ خلاف فيصلو ڏنو ويندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ڇاپي دوران گرفتار ٿيل ڪارڪنن، عورتن ۽ ملازمن جي بازيابي بابت درخواست تي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جي 32 مان 10 کان 12 ماڻهن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي باقي ٻين کي غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتو ويو آهي،  ان لاءِ چوندا آهيون ته پوليس رياست بڻجي وئي آهي، بنا گرفتاري جي حراست ۾ وٺڻ واري معاملي تي فيصلو ڏيندس، ان تي مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه گرفتار آهن، ڪجهه رهجي ويا آهن، ٻه عورتون ۽ 9 مرد گرفتار آهن، 6 عورتن کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪيو ويو آهي، عدالت علي بخاري جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڪنهن کي کنيو ويو ۽ ڪنهن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن تي علي بخاري چيو ته صبح ساڻ ڪجهه آزاد ٿيا آهن، ٻه عورتون اڃا گم آهن.عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪهڙي قانون تحت ڪنهن شخص کي اهڙي طرح گرفتار ڪري سگهجي ٿو. ڇا توهان بنا ڪنهن ثبوت جي ڪنهن کي گرفتار ڪري سگهو ٿا؟ ڇا پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لازمي هو، جيڪڏهن ڪو سيڪريٽريٽ جي ٻاهران بيٺل هجي ها ته ان کي به گرفتار ڪيو وڃي ها، ڇا گرفتار ٿيل 32 ماڻهن جي گرفتاري وڌي وئي آهي ؟، جيڪڏهن مان پنهنجي عدالت جا دروازا بند ڪرايا ۽ توهان کي بنا ڪنهن سبب جي حراست ۾ وٺان، ڇا اهو اغوا ناهي. جن ماڻهن کي 10 ڪلاڪن تائين قيد ڪري آزاد ڪيو ويو، انهن جي هاڻ اسٽيٽس ڪهڙي آهي، ايف آءِ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ماڻهن جا موبائل اسان وٽ آهن، واپس ڪري ڇڏينداسين، جنهن تي عدالت ريماڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي صلاح توهان کي ڪنهن وڪيل ڏني آهي ته مون کي ان جو نالو ٻڌايو ته ان جو لائسنس رد ڪريان، ماڻهن جو سامان فوري طور تي واپس ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.