نيتن ياهو دهشتگرد آهي، اسرائيلي ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪنداسين: حڪومت

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ ٽي ايل پي فيض آباد تي جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ۽ ٽي ايل پي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهين  جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. ٽي ايل پي طرفان فلسطين تائين طبي ۽ غذائي امداد پهچائڻ ۽ نيتن ياهو کي سرڪاري سطح تي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. پريس ڪانفرنس ۾ راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته حڪومت فلسطين جي مسلمانن تائين امداد پهچائڻ بابت پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. راڻا ثناءُالله چيو ته فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي. هنن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دهشتگرد ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، اسان دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته نيتن ياهو کي قانون ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. راڻا ثناءُالله چيو ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ اهو طئي ٿيو ته اسرائيلي ڪمپنين ۽ اسرائيل جي مدد ڪندڙ ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. حڪومت عافيا صديقي جي آزادي جي ڪوششن ۾ تيزي آڻيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.