معاشي ترقيءَ جو هدف 5.5 سيڪڙو، مهانگائي 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ): وفاقي حڪومت 3 سالن جو اقتصادي منصوبو جاري ڪري ڇڏيو ۽ مڊ ٽرم بجيٽ اسٽريٽجي پيپر تحت معاشي هدف مقرر  ڪيا آهن. ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 2027 تائين معاشي ترقي جي شرح 5.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽن سالن ۾ سراسري مهانگائي 7 سيڪڙو جي سطح تي آندي ويندي. بيان ۾ چيو ويو ته مالي سال 2027ع لاءِ روانگي واپار  لاءِ 37 ارب 95 ڪروڙ ڊالر ۽ آمدني واپار لاءِ 67 ارب 8 ڪروڙ ڊالرن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. منصوبي تحت ايف بي آر جي ٽئڪس وصولي کي ٽن سالن ۾ 18 هزار 47 ارب رپيا ۽ نان ٽئڪس روينيو 4 هزار 93 ارب رپيا ڪيو ويندو. مالي سال 2027ع تائين ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو 21 هزار 218 ارب رپيا ۽ صوبائي سرپلس بجيٽ جو ڪاٿو 1800 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. مجموعي مالياتي خسارو 4.9 سيڪڙو آهي ۽ مالي سال 2027 تائين پيٽروليم ليوي جو ٽارگيٽ 1438 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. مالي سال 2027 تائين وياج جي ادائگي جو اندازو 10,238 ارب رپيا ۽ دفاعي خرچن جو اندازو 2,578 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح 2027ع تائين گرانٽس 2197 ارب رپيا ۽ سبسڊي 1569 ارب رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته ٽن سالن ۾ پينشن جي خرچن جو ڪاٿو 1341 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.