اسلام آباد (عمران شفقت): آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نديم انجم جي غير موجودگيءَ ۾ جنرل فيصل نصير ملڪ جي اهم چينلن ۽ قومي ميڊيا جي مالڪن ۽ اهم شخصيتن سان ملاقات ڪري 10 ڏينهن جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته پنهنجي ٽي چينلن ۽ ميڊيا جي ٻين ادارن تي پروگرامن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۽ عدليه ۾ هلندڙ ڪيسن کي ڀرپور ڪوريج ڏني وڃي. ان لاءِ هڪ نئون ضابطه اخلاق بڻايو ويو آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي. سياسي معاملن کي گهڻي ڪوريج نه ڏني وڃي، 10 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ملاقات ڪري ميڊيا ڪوريج جو جائزو ورتو ويندو. ميڊيا مالڪن کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته رياست ۽ ان جي سڪيورٽي ادارن خلاف هلندڙ سياسي مهم هلائي خاص ايجنڊا پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اها ايجنڊا پاڪستان دشمن ايجنڊا آهي، اهي پرڏيهه مان هلي رهيون آهن. کين پيغام ڏنو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان پلان تحت پروپئگنڊا ڪندڙن ۽ انهن سان سهڪار ڪندڙن کي صاف ڪرڻو آهي.