انصاف جي عالمي عدالت غزا تي اسرائيلي قبضي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

غزا ( م ڊ ) انصاف جي عالمي عدالت غزا تي اسرائيلي قبضي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو،  عدالت چيو ته غزه جي پٽي قانوني طور فلسطينجو حصو آهي ، انصاف جي عالمي عدالت طرفان فلسطين تي اسرائيل جي قبضي جي قانوني حيثيت بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب انصاف جي عالمي عدالت چيو آهي ته والاريل فلسطين جي علائقن ۾ اسرائيلي آبادين جي اڏاوت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.رائٽرز نيوز ايجنسي موجب انصاف جي عالمي عدالت موجب اسرائيل جي فلسطيني علائقن ۾ قدرتي وسيلن جي ڳولا جي پاليسي عالمي قانونن جي خلاف به قدم آهي. انصاف جي عالمي عدالت چيو آهي ته ويسٽ بئنڪ، غزا ۽ اوڀر بيت المقدس تي اسرائيل جو قبضو آهي، فلسطين جا اهي والاريل علائقا ان ئي خطي جو حصو آهن. انصاف جي عالمي عدالت چيو آهي ته هي اسرائيل ۽ فلسطين جو ٻه طرفو مسئلو نه پر عالمي مسئلو آهي.عالمي عدالت وڌيڪ چيو ته فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جون پاليسيون انهن علائقن جي هڪ وڏي حصي کي ضم ڪرڻ جي برابر آهي. عدالت چيو ته وٽن پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن، عدالت جي راءِ جو مطلب اهو ناهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي.آءِ سي جي فيصلي ۾ چيو ته 2005 ۾ غزه پٽي مان اسرائيلي فوج جي واپسي کانپوءِ غزه جي پٽي قانوني طور فلسطين جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.