بنگلاديش ۾ مارجي ويلن جو انگ 100 ٿي ويو، پاڪستاني به ڦاٿل

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن جي ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جو احتجاج جاري آهي. احتجاجي مظاهرن دوران هيل تائين  مارجي ويلن جو انگ 50 ٿي ويو آهي. ڍاڪا جي مرڪزي مسجد ٻاهران احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويو، مظاهرن سبب بنگلاديشي نيوز چينلز ۽ سرڪاري نشرياتي ادارا به آف ايئر آهن. احتجاج سبب بنگلاديش ۾ موبائيل، انٽرنيٽ سروس به معطل آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڍاڪا ۾ تعليم  پرائيندڙ پاڪستاني پڻ ڊپ جو شڪار آهن. هڪ شاگردياڻي موجب سندن هاسٽل ۾ وقت ڊپ ۾ گذري رهيو هو، ڪوٽا سسٽم جا حامي مخالفن تي پاڪستاني ايجنٽ هجڻ جو الزام هڻن ٿا ۽ نعرا به پاڪستاني ايجنٽ هجڻ جا هڻن ٿا. ميڊيڪل جي شاگرد ٻڌايو ته ڪوٽا سسٽم جي حق ۽ مخالفت کانسواءِ پاڪستاني ايجنٽ هجڻ يا پاڪستان مخالف هجڻ تي گهڻو  بحث آهي.  ڪوٽا سسٽم جا حامي مخالفن کي بنگلاديش جو غدار ۽ بنگلاديش جي 1971 جي آزادي واري تحريڪ ۾ مارجي ويلن جي رت سان غداري قرار ڏين ٿا. حقيقت اها آهي ته هن وقت ٻنهي ڌرين جا جذبا عروج تي آهن. پاڪستاني شاگرد علم سارڪ ملڪن جي ايڪسچينج پروگرام تحت بنگلاديش ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. هڪ ٻئي شاگرد ٻڌايو ته جڏهن هو شروعات ۾ ڪلاس ۾ پهتو هو ته کيس اهو چيو ويو ته اڇا، هاڻي پاڪستان جا اهڙا ڏينهن آهن جو هو بنگلاديش پڙهڻ اچي رهيا آهن. بنگلاديشي حڪومت حق تلفي ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.