سون کي بريڪ نه لڳي، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻاويهه سئو رپيا واڌ بعد 2 لک 49 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون هڪ هزار 886 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 13 هزار 477 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 24 ڊالر واڌ بعد ٻه هزار 384 ڊالرز آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في اونس سون جي عالمي قيمت ويهه ڊالر پريميم شامل ڪري 2 هزار 404 ڊالر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.