حڪومت ڪڻڪ جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ان حوالي سان باظابطا نوٽيڪفيشن جاري ڪيا ويا آهن.
وفاقي حڪومت امپورٽ پاليسي آرڊر ۽ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر ۾ ترميم ڪندي ڪڻڪ جي درآمد ۽ برآمد تي فوري طور پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪڻڪ ۽ ڪڻڪ مان تيار ٿيندڙ شين سان گڏوگڏ اٽي، ميدي ۽ سوجي جي برآمد تي به مڪمل طور پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.