ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ڪامياب ترين فاسٽ بالر جيمز اينڊريسن رٽائر ٿي ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ) انگلش فاسٽ بالر جيمز انڊريسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو .
انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جيمز اينڊريسن جي ڪيريئر جي آخري ميچ هئي.
جيمز اينڊرسن پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ چار وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون، جنهن ۾ ٻي اننگز ۾ 32 رنز عيوض ٽي وڪيٽون شامل هيون.
41 ورهين جي جيمز اينڊريسن انگلينڊ طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ست سئو چار رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
انگلش فاسٽ بالر 188 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي، سندس بهترين بالنگ 42 رنز عيوض ست وڪيٽون هئي، هن اِهو ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف ئي 2017ع ۾ لارڊز جي تاريخي ميدان تي انجام ڏنو هو.
جيمز اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اننگز ۾ 32 ڀيرا پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ميچ ۾ ڏهه يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز ٽي ڀيرا ماڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.