”اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو“ 1983 واري عالمي ڪپ جي فاتح سائيڊ به انعام گهري ورتو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي 1983 جي ورلڊ چيمپيئن ٽيم به بي سي سي آءِ کان انعام ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فاتح ٽيم لاءِ 125 ڪروڙ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو، جنهن تي 1983 جي ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جي رانديگرن شڪايت ڪئي ته بورڊ اسان کي فنڊز جي کوٽ سبب تمام گهٽ رقم ڏني هئي.
اڳوڻن ڪرڪيٽرز جو چوڻ آهي ته 1983 جي فاتح ڀارتي اسڪواڊ جي هر ميمبر کي 25 هزار مليا هئا.
رانديگرن اِهو به چيو ته هن وقت بي سي سي آءِ بي انتها دولت آهي ۽ هاڻي کين ڪير روڪي به نٿو سگهي.

BCCI IndianCricketTeam Kapildev

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.