مائيڪروسافٽ نوٽ پيڊ ۾ اسپيل چيڪ ۽ آٽو ڪريڪٽ جهڙا فيچرز متعارف

مائيڪروسافٽ 4 ڏهاڪن بعد نوٽ پيڊ ايپ ۾ اهڙن فيچرز جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جن جو واهپيدارن کي گهڻي وقت کان انتظار هو.
مائيڪرو سافٽ نوٽ پيڊ ۾ اسپيل چيڪ ۽ آٽو ڪريڪٽ جهڙن فيچرز جي واڌ ڪئي آهي ۽ اهڙو 40 سالن بعد ممڪن ٿيو آهي.
ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن لاءِ مائيڪرو سافٽ نوٽ پيڊ ۾ انهن فيچرز کي متعارف ڪرايو ويو آهي.
انهن فيچرز جي آزمائش مارچ 2024ع کان جاري هئي ۽ 4 مهينن بعد فيچرز کي ونڊوز 11 جي سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
اهي فيچرز باءِ ڊفالٽ ان ايبل رکيا ويا آهن، هاڻي نوٽ پيڊ ۾ غلط لکيل لفظن کي هاءِ لائيٽ ڪري انهن کي صحيح ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
آٽو ڪريڪٽ فيچرز ذريعي غلط لکيل لفظ پاڻمرادي طور تي صحيح ٿي ويندا، واهپيدار انهن فيچرز کي نوٽ پيڊ سيٽنگز ۾ وڃي ڊس ايبل ڪري سگهندا.
ياد رهي ته مائيڪروسافٽ نوٽ پيڊ کي 1983 ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ تڏهن کان کي ان ۾ خاص تبديلي ناهي ڪئي وئي.

microsoft windows11 Features

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.