واٽس ايپ ٺڳن کان ڪئين بچجي؟ طريقا ڄاڻي وٺو

گذريل ڪجهه ورهين دوران واٽس ايپ فراڊ جي واقعن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي جنهن ۾ واهپيدارن کي مختلف طريقن سان جعلسازي ۾ ڦاسائي مالي نقصان پهچايو پيو وڃي.
واٽس ايپ فراڊ تحت ڪيئي فراڊ ملازمت لاءِ جعلي آڇ، واهپيدارن جي ڪٽنب يا ڪنهن دوست جو نمبر استعمال ڪندي مالي مدد يا وري مشهور برانڊز جو ڏٽو ڏئي مالي نقصان پهچائيندا آهن.
تنهنڪري واٽس ايپ تي اهڙي قسم جي فراڊ کان بچڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪريو.
رابطن جي تصديق ڪريو
واٽس ايپ تي ڪنهن کي به جواب ڏيڻ کان اڳ سدائين پيغام موڪلڻ واري جي تصديق ڪريو، خاص طور تي ان وقت جڏهن اوهان ڪنهن کي واٽس ايپ ميسجز ذريعي ذاتي معلومات يا رقم موڪلي رهيا هجو.
پيغام موڪليندڙ جي تصديق لاءِ هڪ ٻئي نمبر تان ساڻس لازمي رابطو ڪريو.
شڪي لنڪس نه کوليو
پيغامن جي صورت ۾ موڪليل لنڪس کي ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
خاص طور تي اهڙيون لنڪس جيڪي انعامن، بچت جهڙي آفرز جون هجن، اِهي لنڪس اوهان جي ذاتي معلومات چورائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن کي فعال ڪريو
واٽس ايپ تي واڌو سيڪيورٽي لاءِ ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن فعال ڪريو، ان کانپوءِ اوهان جي اڪائونٽ تائين پهچن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ PIN ڪوڊ گهربل هوندو.
اِهو ئي سبب آهي جو ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن جي موجودگيءَ ۾ ٺڳن لاءِ اوهان جو اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي پوءِ کڻي انهن وٽ اوهان جو فون نمبر ئي ڇو نه هجي.
پرڪشش آڇ وارن پيغامن کان هوشيار رهو.
واٽس ايپ تي ملازمت جا موقعا، مالي مدد يا انعامن جهڙي آڃ لاءِ پيغامن کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو، اهڙي قسم جي پيغام تي ڪا به ذاتي معلومات يا مالي تفصيل ڪرڻ کان اڳ آفيشلز چئنلز ذريعي به تصديق ڪريو.

protect WhatsApp account

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.