سياري ۾ وارَ ڇڻڻ هڪ عام مسئلو آهي پر جيڪڏهن انهن جي سار سنڀال نه ڪئي وڃي ته وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڏهي کي وارن جي واڌ ويجهه لاءِ قديمي دور کان استعمال ڪيو پيو وڃي، اها نه رڳو وارن کي صحتمند رکي ٿي پر انهن کي چمڪدار به بڻائي ٿي.
ڏهي ۾ وٽامن بي 5 جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي ۽ ان ۾ اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون به وڏي مقدار ۾ هونديون آهن.
سياري ۾ ڏهي ۽ زيتون جو تيل ملائي هڻڻ سان وارن جا سڀئي مسئلا حل ٿي ويندا.
طريقو: هڪ ڪوپ ڏهي ۾ هڪ چمچو زيتون جو تيل ملايو، ان ۾ ليمي جي رس جا ڪجهه ڦڙا به شامل ڪيو، ان کانپوءِ ان هيئر ماسڪ کي 20 منٽن لاءِ وارن تي لڳايو.
پوءِ وارن کي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، ان هيئر ماسڪ کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور لڳايو.
Prev Post
Next Post
You might also like