رياٰض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدلعزيز اهل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي عرب جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شاهه سلمان مختلف شعبن ۾ اهل ۽ باصلاحيت ماڻهن کي سعودي جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
شاهه سلمان جي جاري ڪيل شاهي فرمان ۾ سائنسدانن، طبي ماهرن، محققن، انوويٽرز، ڪاروباري شخصيتن ۽ منفرد صلاحيت ۽ مهارت رکندڙ هنرمندن کي سعودي جي شهريت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
شاهي فرمان جو مقصد ويزن 2030 موجب پرڪشش ماحول کي وڌائڻ، غير معمولي تلخليقي ذهنن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ، سيڙپڪاري ۽ ترقي ۾ حصو وجهڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.
You might also like