محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا جي بندش بابت حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت محرم دوران سوشل ميڊيا جي بندش جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
صوبن طرفان محرم الحرام جي ڪجهه ڏينهن دوران سوشل ميڊيا جي بندش جي سفارش ڪئي وئي هئي جيڪا وفاقي حڪومت رد ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي سرڪار موقف اختيار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا ايپليڪيشن بند نه ٿينديون، محرم الحرام دوران سڪيورٽي فول پروف، وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي بڻائي وڃي.
ذريعن موجب، محرم دوران موبائيل سگنلز به هنڌن تي بند هوندا جتي جلوس ۽ مجلسون هونديون.
ياد رهي ته محرم الحرام دوران مختلف صوبن طرفان ڇهه ايپليڪيشنز کي ڇهه کان يارنهن محرم تائين بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.