راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل اڻوڻندڙ ورتاءُ تي بک هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پي ٽي آءِ باني جي ذريعن موجب، عمران خان جيل ۾ اڻوڻندڙ ورتاءَ تي بک هڙتال ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پارٽي قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ باني بک هڙتال جي تاريخ ڏيندو.
ذريعن موجب عمران خان ڪالهه پارٽي اڳواڻن کي سڏايو هو، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ۽ اڳواڻ جيل ٻاهران ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا پر ان باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان سان نه ملڻ ڏنو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ملاقات نه ٿيڻ تي پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، عمران خان طرفان پارٽي اڳواڻن کي اندروني اختلاف عوام آڏو آڻڻ کان روڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني ٻنهي گروپن کي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن جيل ۾ ملاقات لاءِ طلب ڪيو هو.
You might also like