آبهوا جي تبديليءَ جي موافقت سان ملڪن جي وڌندڙ آبادي به هڪ وضاحتي عنصر آهي، جنهن تي مهل سان غور ڪرڻ جي اشد ضرروت آهي، ان ڪري ته وڌندڙ آبادي سبب خالي ميدان هاڻي شهر بڻجي رهيا آهن، معني جن حصن تي وڻ، ٻيلا ۽ ساوڪ هجڻ گهرجي هان، انهن جاين تي هاڻي آباديءَ جي پيھ وڌندي رهي ٿي، جنهن جو انت شمار ناهي، جنهن جي حد مقرر ناهي ته جنهن ۾ چين سميت هندوستان جي آبادي به ليکي ۾ آڻي سگهجي ٿي، ڇو جو جٿي دنيا جي آبادي 1900 ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ هئي سا هڪ صدي گذرڻ سان 8.1 ارب ماڻهن تي پڳي آهي، جنهن جو مثال هڪ ڪمري ۾ ماڻهن جو به وٺي سگهجي ٿو، جو جنهن ڪمري ۾ ٻن ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هجي اتي 20 ماڻهو نه ٿا رهي سگهن، ان ڪري ته اهي آڪسيجن جو کاپو هوندا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ به گهڻي ڇڏيندا. ساڳو مثال هن ڌرتي جو به آهي ته جيڪي ميدان، ٻيلا، ساوا جبل، ساوڪ وارا ميدان، جهرجهنگ ۽ وڻ ٽڻ سُڪائي ماڻهن جي آبادي وڌائي ٿي وڃي، معني ڌرتي جي انهن حصن جو ساھ منجهايو ٿو وڃي. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳاهلھ جو انهن زرعي ۽ ساوڪ وارن حصن تي صنعتي زون جڙي ٿا پون، جيڪي هڪ پاسي ڌرتي جا ساوڪ سڪائن ٿا ته ٻئي پاسي اهي ڌرتي تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌائين ٿا. جنهن سان ڌرتي جي جيوت کي وڏو نقصان رسي ٿو، جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي ۽ آخر هي نقصان ڪٿي دنگ ڪندا ۽ ڪير انهن جي ترت اپاءَ به وٺي سگهندو.
موسمي تبديلين جي ڪري غريب ملڪ بار بار موسمياتي آفتن جو شڪار ٿي رهيا آهن، اتي پاڪستان جهڙو جيتامڙو ۽ غريب ملڪ به تباهيون ۽ برباديون ڏسي رهيو آهي، جٿي بارشن جي ڪري آباد علائقا ويران ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري قومي ۽ صوبائي شعبن کي موافقت جا منصوبا ۽ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، جنهن سان موسمي شدت کي گهٽائي سگهجي ۽ ماڻهن سان گڏ زمين جي چرندڙ پرندڙ جيوت کي جيون دان ڏئي سگهجي. ڇو ته زندگي جا اهڃاڻ يا هجڻ معني انسانن جو هن گولي تي هجڻ ئي آهي، جيڪڏهن اها خلق پنهنجو پاڻ نه ٿي بچائي سگهي ته پوءِ اها ڳالھه ڪير به نه ڪري سگهندو. ان ڪري ته وسيلا ۽ ذريعا وري به انسان ذات وٽ آهن، خاص ڪري انهن امير ملڪن وٽ جيڪي دونهين جو اخراج گهٽائي سگهن ٿا ۽ انهن وٽ ٽيڪنالاجي ۽ ذريعا وافر مقدار ۾ آهن، ان ڪري”هم تو ڊوبين گي صنم تمهين بهي لي ڊوبين گي“ واري ڳالهھ بيهندي، اها ڳالھه مڃون ٿا ته جي غريب ملڪ مري کپي ويا ته امير ملڪ به سڙي خاڪ ٿي ويندا، ڇو ته دونهون ۽ ڪاربان سڀني جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا ۽ مسلسل ٿيندا رهن ٿا.
حيرت جي ڳالھه اها به آهي ته دنيا اندر ۽ خاص غريب ملڪن ۾ موسمياتي تبديليءَ جي ڪري تباهي جي قيمت مسلسل وڌندي رهي آهي. بارشن ۽ طوفانن جي ڪري غريب ماڻهو ڏينهون ڏينهن تباھ ۽ برباد ٿيندا رهن ٿا، جنهن جا اپاءَ غريب ملڪن جون رياستون به نه ٿيون وٺي سگهن، انهن جي وس جي ڳالھه به ناهي. غريب ملڪ اڃان تائين ڪنهن به قابل اعتماد صلاحيت جو مظاهرو نه ڪري سگهيا آهن. معاشي ترقي ۽ غربت جي گھٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ماحولياتي تبديلين سان مطابقت پيدا ڪري سگهجي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي گهٽائي سگهجي. ان ڪري رياست کي گهرجي ته نون واپارن کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي موافقت جي حڪمت عمليون ۽ هڪ مڪينزم جوڙي هلي ته جيئن واپار ۽ موسمياتي موافقت ۽ گھٽتائي جي وچ ۾ موجود لاڳاپن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. واپار ۽ موسمياتي تبديليون ڪيترن ئي طريقن سان هڪٻئي سان تعلق رکن ٿيون، پر ساڳي جاءِ تي موسمياتي تبديليون زراعت لاءِ وڏي چيلينج پيش ۽ پيدا ڪري رهيون آهن. جيڪو کاڌي پيتي جي شين کي اڃان به وڌيڪ چئلينجنگ بڻائي سگهي ٿو، جيڪو خطرو اڳ ۾ ئي آهي. جيئن 2022 واري ٻوڏ اهو سمجهايو ته وڌندڙ گرمي پد سبب ۽ باربار بارشي آفتن جي خطرن خوراڪ جي حفاظتي انتظامن، فصلن جي سڀني قسمن ۽ وڌندڙ واپار کي متاثر ٿي سگهن ٿا. ڇو جو ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل فصلن کي ٿيل نقصان نه رڳو اسان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي آمدني کي متاثر ڪيو، پر فوري طور تي ماڻهن (صارفين) جي مطالبن کي پورو ڪرڻ جي لاء شين کي درآمد ڪرڻ لاء به دٻاء وڌايو ته جيئن ماڻهن جي پورت ڪري سگهجي. جنهن جي ڪري اسان جي پرڏيهي ذخيرن تي به وڌيڪ دٻاء وڌيو هيو. ان ڪري اهڙا واقعا ۽ قدرتي آفتون شين جي قيمت وڌائڻ ۽ افراط زر ۾ اضافو ڪن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ اهي آفتون سياسي عدم استحڪام ۾ اضافو ڪن ٿيون.
حقيقت ۾ واپار معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ بهترين آبهوا جو هجڻ پڻ ان واپار ۾ مسلسل اضافو ڪري ٿو، ۽ ان سان گڏوگڏ موسمي موافقت ۽ گھٽتائي ۾ پڻ حصو وٺي سگھجي ٿو. وري بين الاقوامي واپار تبديل ٿيندڙ موسم سبب خوراڪ جي حفاظتي انتظامن کي منهن ڏيڻ ۾ اڃان به وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو: مثال هارين کي نون ۽ بهترين دنيائي مارڪيٽن جا منهن ڏيکاري سگهجن ٿا ته جيئن اهي انهن ملڪن ۽ مارڪيٽن سان لهوچڙ ۾ اچي پنهنجي زراعت بهتر ڪري سگهن، جنهن جو سادو مثال چيني ۽ روسي هارين سان رابطا ۽ لهوچڙ کي هٿي وٺائڻ آهي (جيڪا لهوچڙ کڻي ادارن جي توسط سان ممڪن هجي يا ڪري سگهجي) ان ڪري ته انهن وٽ نئين ٽيڪنالاجي، مشينري ۽ ٻجن تائين بهتر رسائي جي ضرورت آهي، جڏهن ته موافقت ۽ تخفيف (گهٽتائي) ٻنهي مقصدن کي پورو ڪري سگهي ٿي. اها به ڳالھ مڃون ٿا ته شهري آبادين ۽ زرعي زمين جو رهائش لاءِ استعمال ۽ ٻيلن جي کوٽ جو سڌو سنئون اثر موسمي اثرن کي وڌائي ٿو. اها ڳالهھ به سمجهڻ گهرجي ته غيرمعمولي ذخيرن ۽ اسٽوريج جي صلاحيت سان واپار کي وڌائي سگهجي يا ڪري سگهجي ٿو. اهو شايد هڪ اهم موقعو فراهم ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو رياست سان گڏ عام ماڻهن کي به مُهيا ڪري سگهجي، جنهن ۾ طلب کي منظم ڪرڻ لاءِ سماجي رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ به هوندو.
نئين ڪاربان بارڊر ايڊجسٽمينٽ مڪينزم جي ڏس ۾ يورپي يونين جي اڳواڻي ۾ ٻين ترقي يافتا ملڪن جي طرفان تمام گهڻي پيروي ڪئي وئي آهي، جيڪا گهڻي پنهنجي حساب سان ترقيءَ تي آهي. اهي ڪاربان تي ٽيڪس جو تصور به نه ٿا ڪن ڇو ته دنيا جون سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمون انهن صنعتن تي ماحولياتي گدلاڻ وڌائڻ جي ڪري ٽيڪس لاڳو ڪري سگهن ٿيون ته جيڪي به گهڻي ڪاربان خارج ڪندا اهي ٽيڪس ادا ڪندا ۽ جيڪي غريب ملڪ انهن جي گدلاڻ جي ڪري متاثر ٿين يا رهن ٿا اهي انهن جي ٽيڪس مان پنهنجي نقصان جو ازالو ڪندا رهن. ان ڪري امير ملڪن تي اهو به فرض آهي ته اهي ڪمايل دولتن مان غريب ملڪن جي امداد ڪندا رهن. ان ڪري نجي شعبي جي ڪاروباري دنيا ڪاربان مينيجمينٽ اسڪيمن ۽ ڪاربان ليبلنگ جي شروعات وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي. تحقيقون سمجهائن ٿيون ته اهو نتيجو ٿيندو واپاري ڀائيوارين جي اثر ۾ وڌيڪ موئثر آهي. مثال طور، بنگلاديش ۾ ٽيڪسٽائيل ۾ سبز ٽيڪنالاجي جو تازو مثال بين الاقوامي مارڪيٽن تائين هڪ برتري ۽ مستحڪم پهچ ڏيکاري آهي، خاص طور تي انهن ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪي گرين ٽيڪنالاجيز ۽ ڪاربان جي گهٽتائيءَ ڏانهن اڃان تائين منتقل نه ٿيا آهن. پاڪستان جهڙن ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن لاءِ اهو ضروري ٿي ٿو پوي ته نه رڳو ڪاربان جي اخراج کي گهٽائي ۽ پنهنجي پيداواري لائين کي ۽ ڪاربان جي ليبلنگ (نشاندهي) کي به متعارف ڪرايو وڃي. سڀ کان وڌيڪ اهم اهو به آهي ته اڀرندڙ رجحان جيڪي واپاري پارٽنر ۽ مقابلن پاران مقرر ڪيا ويا آهن انهن تي نظر رکي، جيڪي ساڳيون مصنوعات ساڳين مارڪيٽن ڏانهن برآمد ڪري رهيا آهن. 2021 ۾ قومي طور تي طئي ٿيل تعاون ۽ تحقيقن مطابق پاڪستان توانائي ۽ صنعتي شعبن جي ڀيٽ ۾ زراعت ۽ ٻيلن جي نه هجڻ جي ڪري ڪاربان جو وڌيڪ اخراج ڪري ٿو، جنهن جي ڪري پيداواري توانائي، صنعتن ۽ هلندڙ ٽرانسپورٽ سان ڪاربان جي شدت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو، ان ڪري پاڪستان جي متوقع اخراج ۾ ڪجھ اصلاحي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري واپاري صلاحيتن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
ماحولياتي بهترين نظام به هڪ مضبوط بچاءَ ۽ موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو، جنهن سان پيداوار جي قوت وڌائي سگهجي ٿي، پر ان جي باوجود ملڪ ۾ اڃان تائين ڪيتريون ئي رڪاوٽون موجود آهن. جنهن ۾ ٽيڪس يا واڌو ٽيڪس جا نظام به رڪاوٽن جا اعلي مثال آهن. ڇو ته اهي ٽيڪسون هڪ بي ترتيب ۽ متضاد پاليسين جو شڪار رهنديون آهن، جنهن ۾ قابل تجديد توانائي تي ٽيڪس مثال طور، شمسي پينل ۽ ونڊ ٽربائنز (اڪثر ڪري) اوچتو ئي اوچتو گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪيا ويا آهن، جيڪي گهڻو ڪري معيار مدت جي سرٽيفڪيشن جي ڪري محدود هوندا آهن. ماحول جي لحاظ کان ترجيحي شين تي وڏي ٽيڪس هنئي وڃي ٿي، جيڪڏهن گرين ٽيڪنالاجي وارين شين جي عام واهپي تي لڳل ٽيڪس کي فري ڪيو وڃي ته به گرين ايٽماسفيئر ممڪن ڪري سگهجي ٿو. پر ان لحاظ کان ملڪ جو علائقائي ۽ بين الاقوامي واپار ۾ حصو گهٽجي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن شعبن لاءِ ايندڙ ڏکايون اڃان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿيون.
Next Post
You might also like