گهوٽڪي ۾ پوليس تي حملو، جمعدار شهيد، هڪ اهلڪار زخمي، هڪ اغوا

گهوٽڪي(رپورٽ آزاد مهر)گهوٽڪي ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ لکڻ پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار صاحبڏنو عباسي شهيد ٿي ويو،  جڏهن ته پوليس اهلڪار اسماعيل شاهه زخمي ٿي پيو، ڌاڙيل مورچي ۾ ويٺل هڪ اهلڪار عبدالفتاح سانگي کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته پڪٽ تي موجود 5 ئي پوليس اهلڪارن جون سرڪاري رائيفلون پڻ کڻي فرار ٿي ويا، واقعي بعد ڪيتري ئي دير تائين شهيد اهلڪار صاحبڏنو عباسي جو لاش پيل رهيو، جنهن بعد ميرپورماٿيلو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمبولنس گهرائي مڙهه گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار اسماعيل شاهه کي باءِ پاس ڀرسان خانگي ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ زخمي پوليس اهلڪار اسماعيل شاهه ٻڌايو ته جمعي جي نماز جي وقت پڪٽ ۾ اندر ويٺل هيس ته ٻاهران فائرنگ ٿي، جنهن بعد 2 هٿياربند منهنجي مٿان گهيرو ڪري بيٺا رهيا، جنهن ڪري جوابي ڪاروائي جو موقعو ئي نه مليو، هن چيو ته مورچي ۾ ويٺل اهلڪار فتاح سانگي گم آهي، خدشو آهي ته کيس اغوا ڪري کڻي ويا،هن چيو ته پڪٽ تي موجود اهلڪار ضعمير بلو ڏوهارين سان وڙهيو، واردات ڪندڙ ٽن موٽرسائيڪلن تي 6 کان 7 ماڻهو سوار هئا، جن جا منهن کليل هئا، پڪٽ تي 9 پوليس اهلڪار مقرر آهن، حملي وقت 5 اهلڪار موجود هئا، پوليس ڏوهارين مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن مان اندازو آهي ته ڏوهارين جا ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي ساٿي کڻي ويا، هوڏانهن واقعي بعد ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ حملي جو شڪار پڪٽ جو جائزو ورتو، واقعي ۾ ملوث ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري اغوا ٿيل اهلڪار واپس ٿيو آهي. ٻئي طرف واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي، ايس ايس پي سمير نور چنا جي مقرري بعد پوليس پڪٽ تي حملي جي پهرين واردات آهي، جنهن پوليس لاءِ نوان چيلينج پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته شهيد اهلڪار صاحبڏنو ولد محمد عظيم عباسي اصل حياتي پتافي جو رهواسي آهي، جيڪو پوليس کاتي ۾ ڊيوٽي سبب ڪجهه عرصي کان گهوٽڪي شهر جي ستار سٽي ون جي علائقي ۾ رهندو هو، کيس 6 پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي، صاحبڏنو عباسي پوليس ۾ هيڊڪانسٽيبل هو، سندس اي ايس آءِ طور تي پروموشن ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيڻو هو، پر ڪاغذي ڪاروائي نه ٿيڻ سبب ممڪن نه ٿي سگهيو، شهيد اهلڪار جو مڙهه تعلقه اسپتال پهچڻ وقت سندس گهرڀاتي ۽ ٻيا وارث پهچي ويا، جيڪي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.