محسن نقوي کي سينيٽ جي سيٽ تان هٽائڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي سينيٽ جي سيٽ تان نااهل قرار ڏيڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل  ڪئي وئي آهي. درخواست شهري مشڪور حسين وڪيل نديم سرور جي معرفت داخل ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت، پي سي بي ۽ محسن نقوي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته محسن نقوي پي سي بي چيئرمين جو عهدو رکندي سينيٽر بڻجڻ جو اهل ناهي، سينيٽ جي سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي وقت محسن نقوي پي سي بي جو چيئرمين هو. آئين جي آرٽيڪل 63 تحت محسن نقوي سينيٽر جي عهدي تي برقرار نٿو رهي سگهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ محسن نقوي کي سينيٽر جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.