ڪراچي (پ ر) 28 جون 2024ع تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ هڪ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي صوبائي محتسب اعليٰ محمد سهيل راجپوت ڪئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي 10 شاگردن کي محتسب اعليٰ جي آفيس پاران برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويندو، جيڪي محتسب اعليٰ جي ڪم ۽ ذميوارين بابت ڄاڻ پنهنجن ساٿي شاگردن ۽ عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي محتسب اعليٰ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ يونيورسٽي جي شاگردن خطاب دوران عوام کي انتظامي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ محتسب اعليٰ جي آفيس جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ ان جي اهم خصوصيتن کي اجاگر ڪيو. برانڊ ايمبيڊيسر پروگرام جي شروعات بابت هن چيو ته اهو پروگرام انٽرنيشنل اومبڊسمين انسٽيٽيوٽ جي علائقائي گرانٽ ذريعي شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جا مقصد معلومات جي ورهاست، شهري ذميوارين کي فروغ ڏيڻ ۽ شاگردن جي ذريعي ڪميونٽي تائين پهچ کي وڌائڻ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سفير طور چونڊيل شاگرد محتسب اعليٰ ۽ ٻين شاگردن توڙي ڪميونٽي جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندا، جنهن سان سرڪاري کاتن جي سٺي حڪمراني، شفافيت ۽ احتساب کي فروغ ڏنو ويندو.
سنڌ جي محتسب اعليٰ چيو ته کيس پاڪستان جي تاريخي اداري، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ پهريون ڀيرو اچڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي. هن چيو ته محتسب جي آفيس ۽ فيڪلٽي جي وچ ۾ به تعلق کي فروغ ڏنو پيو وڃي، جيڪو ڪلچر هتي اڃا عام ناهي ٿيو. محتسب اعليٰ جو چوڻ هو ته هن ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ محتسب جون پنج آفيسون کوليون آهن، ان طرح ٻين شهرن ۾ به کوليون پيون وڃن.
محمد سهيل راجپوت ملڪ جي معيشت بابت ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ برآمدات کي وڌائڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان صوبي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين به برانڊ ايمبيسيڊرز پروگرام پهچائينداسين.
ان کان اڳ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ جي محستب اعليٰ ۽ سندس آفيس جي ٻين آفيسرن کي ڀليڪار ڪندي يونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ڪاميابين ۽ ملڪ کي بهترين ماهر نوجوان فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ 10 شاگرد سوسائٽيون قائم آهن جيڪي شاگردن کي مستقبل جي ليڊر طور تربيت ڏئي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۽ محتسب اعليٰ سنڌ جي آفيس گڏيل طور تي سماجي شعور پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪندا. ان سلسلي ۾ هن چيو ته يونيورسٽيءَ جو سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پڻ محتسب اعليٰ جي آفيس سان مڪمل تعاون ڪندو.
ان موقعي تي سيڪريٽريٽ صوبائي محتسب جي صلاحڪار ريحانه جي علي ميمڻ ۽ رجسٽرار مسعود عشرت برانڊ ايمبسڊر پروگرام جي تصور ۽ صوبائي محتسب جي ڪم بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني ۽ اهو به چيو ته چونڊيل. شاگردن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.
بعد ۾ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو، جنهن ۾ محتسب اعليٰ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا. آخر ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي آيل مهمانن کي سووينئر ڏنا.
ان کان اڳ ۾ اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد نعيم احمد مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ برانڊ ايمبيسيڊرز پروگرام لاءِ سنڌ مدرسه يونيورسٽيکي چونڊڻ تي محتسب اعليٰ جو شڪريو ادا ڪيو.
هن سيشن ۾ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو، وائيس چانسلر جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، مختلف تعليمي شعبن جي چيئرمينن، فيڪلٽي ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.