ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
ايم اين اي خالد لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ شهباز لنڊ گرفتاري کان پهريان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا، جتي جوابدارن جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي.
عدالت پاران ٽنهي جوابدارن کي 15 ڏينهن اندر ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت به ڪئي وئي، ٻڌڻي بعد عدالت جي احاطي ۾ موجود وڪيل ايم اين اي خالد لنڊ خلاف نعريبازي ڪئي.
ياد رهي ته عوامي آواز جو رپورٽر نصر الله گڏاڻي گذريل مهيني قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو، قتل ڪيس جي شاهدن جي ٻه ڏينهن اڳ عدالت ۾ 164 جي بيان بعد خالد لنڊ ۽ سندس پٽ ڪيس ۾ نامزد ٿي ويا آهن.
Pakistan Sindh JusticeForNasrullahGadani
You might also like