گھوٽڪي (رپورٽ آزاد مھر) گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ مبارڪ لکڻ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن حملو ڪري پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ پوليس جمعدار صاحب ڏنو عباسي شھيد ٿي ويو.
حملي ۾ ھڪ اھلڪار سيد اسماعيل شاھه زخمي ٿي پيو ، جڏهن ته پوليس اهلڪار عبدالفتح سانگي کي مبينا طور ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا.
واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري ڌاڙيلن پويان رواني ٿي وئي، ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه به پوليس چوڪيءَ پهتو.
ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد اهلڪار جي وارثن سان ڏکي وقت ۾ گڏ آهيون، اغوا ٿي ويل اهلڪار کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
Pakistan SindhPolice SindhGovt