ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جو فائنل ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سڀاڻي بارباڊوس ۾ کيڏيو ويندو.
ڀارت ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي هارائي فائنل ۾ پهتو جڏهن ته پهرئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل جي اڳواٽ سيٽ پڪي ڪري ورتي هئي.
ڀارت ورلڊ ڪپ جي پهرئين رائونڊ ۾ آئرلينڊ، پاڪستان، آمريڪا، ڪئناڊا کي شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهتي هئي، سپر ايٽ مرحلي م ڀارت آسٽريليا، افغانستان ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ناقابلِ شڪست رهندي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا گروپ اسٽيج ۾ نيپال، بنگلاديش، نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا کي هارايو، سپر ايٽ ۾ ويسٽ انڊيز، آمريڪا ۽ انگلينڊ کي مات ڏئي سيمي فائنل جو سفر طئي ڪيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم تي ڏانهن نظر ڊوڙائي وڃي ته بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ٽنهي شعبن ۾ ئي ٽيم جي ڪارڪردگي عروج تي آهي.
جتي جسپريت بُمرا پنهنجي زبردست بالنگ ذريعي مخالف ٽيمن لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري رهيو آهي ته اتي ڀارت جو اسپن اٽيڪ به ڪنهن بيٽر کي ڪريز تي ٽِڪڻ نه پيو ڏئي.
اڪشر پٽيل جي جادوئي بالنگ انگلينڊ جي بيٽرز کي وائڙو ڪري ڇڏيو ته ڪُلديپ ياديو به هن عالمي ڪپ ۾ ڪنهن کي وٺ نٿو ڏئي جڏهن ته رويندرا جاڙيجا به بيٽرن لاءِ پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي. ڱ
ارشديپ سنگهه ميگا ايونٽ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته هاردڪ پانڊيا به پنهنجي آل رائونڊر هئڻ جو حق ادا ڪري رهيو آهي.
ان کانسواءِ شيوم دوبي ۽ رشڀ پنت به ڀارت لاءِ مهل اچڻ تي پرفارم ڪندا رهيا آهن.
بيٽنگ لائين جي حوالي ويرات ڪوهلي جو فارم ۾ نه هجڻ ڪپتان روهت شرما لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پر روهت شرما پاڻ پوري ٽورنامينٽ ۾ جارحاڻي بيٽنگ ذريعي ڀارت کي هڪ وڏي ٽوٽل تائين پهچائڻ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
ڀارتي بيٽنگ لائين اَپ ۾ مسٽر 360 جي نالي سان مشهور سوريا ڪمار ياديو به ڀرپور فارم ۾ آهي، انگلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ ڪپتان روهت شرما سان گڏ سندس ڀائيواري ڀارت کي هڪ وڏي مجموعي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا به ڀارتي ٽيم جيان ايونٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهندي فائنل تائين پُڳي آهي.
ماضيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ ڪڏهن برساتن ته ڪڏهن خراب ڪارڪردگي سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿيندي رهي آهي، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ٽيم لاءِ ” چوڪرز “ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.
پر هن عالمي ڪپ ۾ پروٽيز جو انداز گهڻو مختلف آهي، سيمي فائنل ۾ افغانستان کي هڪ طرفي مقابلي ۾ مات ڪندڙ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جون نظرون هاڻي ميگا ايونٽ جي ٽرافي تي کُتل آهن.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۾ اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ريزا هينڊرڪس ۽ ڪپتان ايڊن مارڪرم زبردست فارم ۾ آهن.
مڊل آرڊرز ۾ ڊيوڊ ملر جو تجربو ۽ ڪلاسن جو جارحاڻو انداز ڀارت لاءِ پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿو.
بالرن ۾ ڪاگيسو رباڊا، مارڪو جينسن، اينرڪ نورٽجي جي صورت ۾ پيس بيٽري پڻ ڀرپور فارم ۾ آهي، ٻئي پاسي ڪيشو مهارج ۽ تبريز شمسي آڏو ڪيئي وڏا بيٽر سرينڊر ڪندي ڏٺا ويا آهن.
ڪرڪيٽ پنڊتن کي بارباڊوس ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ فائنل کي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ هڪ زبرست مقابلي جي اميد آهي.
You might also like